Daily Bbc Pakistan: Deliver Latest news breaking news urdu news current news,top headlines in urdu from Pakistan, world, sports, Business, Cricket, Politics and Weather,
جمعرات، 5 جون، 2025
انجنیئر جئدیو مھیشوری ایگزیکٹو بیورو چیف ڈیلی بی بی سی پاکستان نیوز BBC PK News Karachi Jaidev baeruo chief executive Report
کراچی : ناصر شاه جي صدارت هيٺ اجلاس، صوبي جي 10 کاتن جي 1168 اسڪيمز لاءِ 160 ارب رُپين جي تجويز۔تفصیلات ڪراچي : سنڌ جي ترقيات، رٿابندي ۽ توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاه جي صدارت هيٺ مالي سال 2025-26 لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبي جي 10 مختلف سرڪاري کاتن جي 1168 ترقياتي اسڪيمن لاءِ 160 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. اهي کاتا جن جي اسڪيمن لاءِ بجيٽ تجويزون پيش ڪيون ويون تن ۾ ورڪس اينڊ سروسز (جيئلن سميت)، هوم ڊپارٽمينٽ، ايگريڪلچر، سپلاءِ اينڊ پرائيسز، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز، ڪلچر، ٽوئرزم، آرڪائيوز ۽ اينٽيڪيٽيز، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز، سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوارڊينيشن (S\&GAC)، انڊسٽريز اينڊ ڪامرس، انويسٽمينٽ، انرجي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ شامل آهن. ناصر شاه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ نئين اسڪيمن جي ڀيٽ اڳ جاري ترقياتي اسڪيمن کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل کاتن جا وزير، سيڪريٽري، اعليٰ آفيسر ۽ چئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم احمد شاه به شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ناصر شاه چيو ته سڀني ترقياتي اسڪيمن جي تياري دوران چئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي هدايتن ۽ فارمولن کي ذهن ۾ رکيو وڃي. هن زور ڏنو ته هر علائقي ۽ برادري جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ ترقياتي ڪم بنا ڪنهن متڀيد بنيادن تي ڪرايا وڃن. اجلاس دوران هيٺيان مالي تجويزون پيش ڪيون ويون: ورڪس اينڊ سروسز (جيئلن سميت): 675 اسڪيمز لاءِ 80 ارب رُپيا، ايگريڪلچر، سپلاءِ اينڊ پرائيسز: 60 اسڪيمز لاءِ 9.7 ارب رُپيا، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز: 38 اسڪيمز لاءِ 4.9 ارب رُپيا، ڪلچر، ٽوئرزم، آرڪائيوز، اينٽيڪيٽيز: 44 اسڪيمز لاءِ 2.8 ارب رُپيا، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز: 210 اسڪيمز لاءِ 6.5 ارب رُپيا، سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوارڊينيشن: 77 اسڪيمز لاءِ 39 ارب رُپيا، انڊسٽريز اينڊ ڪامرس: 1.8 ارب رُپيا ، انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ: 2 اسڪيمز لاءِ 0.4 ارب رُپيا ، انرجي ڊپارٽمينٽ: 16 اسڪيمز لاءِ 12.8 ارب رُپيا ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ: 28 اسڪيمز لاءِ 12.7 ارب رُپيا رکيا ويا.
سبسکرائب کریں در:
تبصرے شائع کریں (Atom)
*💫خبروں کی تفصیل**ہفتہ 18 شعبان المعظم 1447ھ* *7 فروری 2026ء💫*
پاکستانی تاجروں کو 10 سال کیلئے ٹیکس استثنیٰ دینگے، ازبک صدر، 3 ارب 40 کروڑ ڈالر کے سمجھوتوں پر عملدرآمد اہم پیشرفت، وزیراعظم ا...
-
عمرکوٹ: ضمنی انتخابات این اے 213 عمرکوٹ کے نتائج کے مطابق پیپلز پارٹی امیدوار میڈم صبا یوسف تالپور 161934 ووٹ حاصل کر کے بھاری ...
-
بلوچستان کے ضلع زیارت سے 2 ماہ پہلے اغوا ہونے والے اسسٹنٹ کمشنر (اے سی) محمد افضل اور اس کے بیٹے کو اغوا کاروں نے قتل کردیا۔لیوی...
-
پاکستان غزہ امن بورڈ کا حصہ، ٹرمپ کی دعوت قبول، مستقل جنگ بندی، انسانی امداد میں اضافہ، تعمیر نو ہوسکے گی، دفتر خارجہ ارکان پارل...
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں