Daily Bbc Pakistan: Deliver Latest news breaking news urdu news current news,top headlines in urdu from Pakistan, world, sports, Business, Cricket, Politics and Weather,
اتوار، 13 اپریل، 2025
ننگرپارڪر (13 اپريل 2025)سنڌ حڪومت ٿر جيپ ڊيزرٽ ريس کي سالياني راندين جي ڪئلينڊر ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. . BBC PK News Umer Kot
سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته راندين کاتو ٿر جيپ ڊيزرٽ ريس کي هر سال منعقد ڪرڻ لاءِ سالياني ڪئلينڊر جو حصو بڻائيندو، جيئن ٿر ۾ هر سال جيپ ريس جو شاندار ميلو لڳي.اهي ڳالهيون هن ننگرپارڪر ۾ ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري ٿر جيپ ڊيزرٽ ريس جي اختتامي تقريب دوران ڪيون، جتي هن مختلف ڪيٽيگريز جي ڪامياب ڊرائيورن ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ۽ 35 شيلڊون ورهايون.سردار محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ڊرائيورن لاءِ مفت رجسٽريشن، رهائش، ايندھن ۽ ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته "ٿر ڊيزرٽ چئلينج" نه رڳو ريگستاني راندين پر سياحت جي به وڏي امڪانن کي اجاگر ڪري ٿو.پروفيشنل A ڪيٽيگري ۾ رڪن اسيمبلي مير نادر مگسي اول نمبر تي رهيو، جنهن کي پنج لک رپين جو چيڪ ڏنو ويو. موٽر سائيڪل ريس ۾ پنجاب جي ذيغم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ڏيڍ لک رپين جو چيڪ کٽيو. وزير مڪيش ڪمار چاولا کي به ريس جي فتح تي روڪ انعام ۽ ٽرافي ڏني وئي، جڏهن ته مختلف ڪيٽيگريز جي ڊرائيورن ۾ 35 ٽرافيون ورهايون ويون.هن ريس ۾ 65 جيپ ڊرائيورن ۽ 12 موٽر سائيڪل ڊرائيورن حصو ورتو. تقريب ۾ وزير مڪيش ڪمار چاولا، ثقافت وارو وزير ذوالفقار علي شاهه، نادر مگسي، قومي اسيمبلي جو رڪن عامر مگسي، قاسم سراج سومرو، سيڪريٽري راندين عبدالعليم لاشاري، ڊائريڪٽر راندين اسد اسحاق، اسپورٽس آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي
سبسکرائب کریں در:
تبصرے شائع کریں (Atom)
NEWS HEADLINES BBC PAKISTAN NEWS DIGITAL URDU ENGLISH
*خبروں کی تفصیل* *بدھ 25 ذیقعدہ1447ھ* *13 مئی 2026ء* ایران، ہرمُز کی حدود بڑھا دی، حملہ ہوا تو یورینیم افزودگی 90 فیصد کردینگے، تہران، یقین...
-
مسیحا کھلاڑی بن گئے، یہ ڈاکٹر ہیں یا جلاد؟ یہ لاہور کا لیڈی ولنگٹن ہسپتال ہے جس میں مریض زندگی اور موت کی جنگ لڑ رہا ہے جبکہ ڈاک...
-
تحریر بقلم، ، کے بی عباسی مضمون، حافظ قرآن حماد واصف ڈیلی بی بی سی نیوز پاک یہ اللہ تعالیٰ کا خاص فضل و کرم اور بے پایاں احسا...
-
خبروں کی تفصیل ہفتہ 15 شوال المکرم 1447ھ 4 اپریل 2026ء *پٹرول 80 روپے سستا، قیمت 378، عوام کو ریلیف ایک ماہ کیلئے ہوگا، وزراء تنخواہیں 6 ماہ...
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں