Daily Bbc Pakistan: Deliver Latest news breaking news urdu news current news,top headlines in urdu from Pakistan, world, sports, Business, Cricket, Politics and Weather,
بدھ، 16 اپریل، 2025
((((ڄام ڪانڀو خان)))) ایڈیٹر : انجنیئر جئدیو مھیشوری بیورو چیف بی بی سی پاکستان سنڌ ۾ هڪ چوڻي ڏاڍي مشهور آهي ته تون ” BBC PK News Article Jaidev baeruo chief executive
ڄام ڪانڀو خان آهين ڇا يا تو ڄام ڪانڀو خان جو پٽ آهين ڇا“؟ واقعي ۾ به ڄام ڪانڀو خان ڄام ڪانڀو خان هو. ڄام ڪانڀو خان ڪير سڏائي؟ ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو سخي سنڌ جو حاتم طائي هو. ڄام ڪانڀو خان وارا پاڻ ۾ 3 ڀائر هئا ڄام ڪانڀو خان، ڄام مٺا خان ۽ ڄام جان محمد خان، پاڻ وقت جي مشهور زميندار ڄام محمد شريف جي گهر ۾ 1305هه ۾ جنم ورتو پاڻ ننڍي هوندي کان سنجيده، سچار، غريبن جو هڏڏوکي، غريبن، فقيرن، فقراءُ جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. پاڻ وقت جو حاتم طائي هو. سندس سخاوت ان وقت سنڌ يعني ملتان ۽ بمبئي، بلوچستان تائين مشهور هئي، پاڻ روزانه فجر جي نماز پڙهڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ بعد گهوڙي تي چڙهي جاگير تي وڃي فصل ڏسند هو صبح جو 10 وڳي ڌاري پنهنجي اوطاق تي ايندو هو جتي سوالي، فقير فقراءَ وڏي تعداد ۾ موجود هوندا هئا. سندس اچڻ کان اڳ سندس نوڪر ڪاٺ جي وڏي پيتي جيڪا چاندي جي رپين سان ڀريل هوندي هئي. سامهون رکي ايندڙ سوالين کي مٺ ڀري ڏيندو هو. ڪيترائي سوالي ٻڪ ڀريل پئسه وٺڻ کانپوءِ به گهوڙن، مينهن، اٺن ۽ ٻئي چوپايو مال ڏيڻ جو سوال ڪندا هئا ته انهن کي اهي ڏئي ڇڏيندو هو. سندس مهمان نوازي به مشهور هئي خاص و عام لاءِ تقريبن ساڳي ماني ڍاڪن ۾ ڍڪجي ايندي هئي پاڻ صوفيانه راڳ، ڀلن گهوڙن جو وڏو شوقين هو. 100 کان وڌيڪ گهوڙا وٽن هوندا هئا. جڏهن ته ڀلا اٺ، مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون، هرڻ ڦاڙا به ڌاريا، ڪيترن ئي سوالين کي چاندي جي سنجن سميت گهوڙا ڏئي ڇڏيندو هو. پاڻ سياست کان پري رهيو سياست وارو ڪم پنهنجي ڀائرن ڄام مٺا خان ۽ ڄام جان محمد خان حوالي ڪيو.ڄام مٺا خان ۽ ڄام جان محمد خان بمبئي اسيمبلي جا ميمبر به رهيا ان دور ۾ بمبئي اسيمبلي جو ميمبر هجڻ وڏو اعزاز هوندو هو. سندن حيثيت اڄ جي وزير اعليٰ جيتري هوندي هئي. ڄام ڪانڀو خان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مريد هو. سندن لاءِ اهو مشهور هو ته هونءَ ته وقت به وقت پنهنجي مرشد جي مزار جي زيارت لاءِ ويندو هو پر هو لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ ٻه ڏينهن اڳ پهچي ويندو هو. ۽ زائرين لاءِ لنگر عام هلائيندو هو. لطيف جي ميلي لاءِ سوين اٺ سيڌي سامان جا ۽ سوين ٻڪر، ڍڳا گوشت لاءِ پاڻ سان آڻيندو هو. جڏهن ته چاندي جي رپئن سان اٺن جا ٻورا ڀرائي ايندو هو ۽ اتي به فقير فقراءُ کي ٻڪ ڀري ڏيندو هو. ميلي ۽ ملاکڙي ۽ راڳ رهاڻ جي محفلن ۾ به وڏي سخاوت ڪندو هو. ملهن ۽ فنڪارن کي ته چاندي جي رپئن جا ٻڪ ۽ جهوليون ڀري ڏيندو هو. سندس ٻين بزرگن سان به عقيدت هوندي هئي ۽ انهن جي مزارن تي به ويندو هو. ڳوٺاڻيون ڪچهريون شوق سان ويهي ٻڌندو هو. سندس ويجهن دوستن ۾ سر شاهنواز ڀٽو، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ آف مٽياري، نواب نبي بخش خان ڀٽو، نواب غيبي خان چانڊيو، مير بنده علي ٽالپر به شامل هئا.منقول۔۔
سبسکرائب کریں در:
تبصرے شائع کریں (Atom)
*🔴لیجنڈز لیگ: بھارتی ہٹ دھرمی برقرار، پاکستان کیخلاف سیمی فائنل کھیلنے سے انکار*BBC PK News
انگلینڈ میں جاری ورلڈ چیمپئن شپ آف لیجنڈز (ڈبلیو سی ایل) کے میچز کے ساتھ ساتھ بھارت کی ہٹ دھرمی کا سلسلہ بھی برقرار ہے، بھارت نے...
-
تفصیلات کے مطابق حکومتی پا لیسی اپنی چھت سب کیلئے پروگرام کے تحت انڈسٹریل اسٹیٹ ملتان میں مزدوروں کیلئے لیبر کا لونی تعمیر کی ...
-
عمرکوٹ: ضمنی انتخابات این اے 213 عمرکوٹ کے نتائج کے مطابق پیپلز پارٹی امیدوار میڈم صبا یوسف تالپور 161934 ووٹ حاصل کر کے بھاری ...
-
#ادائےِجاں #ازعلیزےخان #قسط_1 ▪️▪️▪️▪️▪️▪️▪️▪️▪️ اکھیاں میری پوچھ رہی ہیں۔ دل کو میرے چین نہیں ہے کیتھے لڑائیاں وے تو اکھیاں کیتھے لڑا...
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں