Daily Bbc Pakistan: Deliver Latest news breaking news urdu news current news,top headlines in urdu from Pakistan, world, sports, Business, Cricket, Politics and Weather,
پیر، 24 مارچ، 2025
سنڌ کي ڊجيٽل مهارتن جو مرڪز بڻائڻ ڏانهن هڪ ٻي اڳڀرائيوڏي وزير پاران 30 سرڪاري يونيورسٽين جي 30 هزار شاگردن لاءِ اسڪالرشپس جو اعلانگوگل ڪيريئر اسڪالرشپس ۾ 9 ڪورسز ۾ تربيت ڏني ويندي، مفاهمتي يادداشت تي صحيحونسنڌ کي جدت ۽ مهارتن جي واڌاري جو مرڪز بڻايو ويندو، وڏو وزير سيد مراد علي شاههسنڌ جي شاگردن کي عالمي معيار جي تربيت تائين رسائي حاصل هوندي، گوگل جو نمائندو.رپورٹ : انجنیئر جئدیو مھیشوری بیورو چیف . BBC PK
تفصیلات: ڪراچي :سنڌ جي نوجوانن کي عالمي سطح تي تسليم ٿيل ڊجيٽل مهارتون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت، گوگل ۽ ٽيڪ ويلي جي سهڪار سان صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ 30000 کان وڌيڪ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سومر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن دوران هن رٿا جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. اجلاس ۾ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر طارق رفيع، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، آءِ ٽي سيڪريٽري نور احمد سمون، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز سيڪريٽري عباس بلوچ، 30 سرڪاري يونيورسٽين جا وائيس چانسلر، ٽيڪ ويلي پاڪستان جو سي اي او عمر فاروق ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا. وڏي وزير چيو ته هن منصوبي جو مقصد شاگردن کي مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، سائبر سيڪيورٽي، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، آءِ ٽي آٽوميشن ۽ پروجيڪٽ مينيجمينٽ جهڙن اهم شعبن ۾ جديد ڊجيٽل مهارتن سان ليس ڪرڻ آهي ته جيئن هُو بدلجندڙ روزگار جي موقعن مان ڀرپور فائدو وٺي سگهن. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته 2024 جي گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ سنڌ پروگرام جي ڪاميابي کانپوءِ جنهن ۾ 10 يونيورسٽين جي 1500 شاگردن 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي، 2025 ۾ هن پروگرام جي واڌاري سان حڪومت جي ڊجيٽل ترقي ۽ انساني وسيلن جي بهتري جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن منصوبي جي اهميت تي زور ڏيندي وڏي وزير چيو ته هيءَ شراڪتداري اسان جي ان ويزن جي عڪاسي ڪري رھي آھي تھ اسان سنڌ کي جدت ۽ مهارتن جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. ھن وڌيڪ چيو تھ 30000 کان وڌيڪ اسڪالرشپس جي فراهمي رڳو تعليم ۾ سيڙپڪاري نه پر اسان جي نوجوانن جي مستقبل ۽ صوبي جي معاشي ترقي ۾ سيڙپڪاري آهي. گوگل جي ماھرن جي تيار ڪيل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ پروگرام تحت شاگردن کي آن لائن تعليمي تربيت ڏني ويندي، جنهن ذريعي هو روايتي ڊگري جي بنا 3 کان 6 مهينن اندر صنعت سان لاڳاپيل تسليم ٿيل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. ڪاميابيءَ ۽ ڪيريئر تي ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته گذريل بيچ جي شاگردن معروف ڪمپنين ۾ نوڪريون ۽ انٽرن شپس حاصل ڪيون، جتي انهن جون پگهارون 70000 رپين 16 لک رپين تائين هيون. هن مثال ڏيندي چيو تھ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻيءَ ليلا ڪمارِي گوگل جو مصنوعي ذهانت وارو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ ايولوشن ۾ پروجيڪٽ انٽرن شپ حاصل ڪئي. ھن وڌيڪ چيو تھ سندس ڪاميابيءَ کي گوگل به اجاگر ڪئي، جيڪا هن منصوبي جي حقيقي اثرن کي ظاهر ڪري ٿي. گوگل جي گورنمينٽ افيئرز اينڊ پبلڪ پاليسي ليڊ مسٽر ڪائل گارڊنر چيو ته گوگل جو عزم آهي ته ماڻهن کي اهي ڊجيٽل مهارتون مهيا ڪيون وڃن جيڪي جديد معيشت ۾ ڪاميابي لاءِ ضروري آهن. هن ڀائيواري ذريعي سنڌ جي شاگردن کي عالمي معيار جي تربيت تائين رسائي حاصل ٿيندي جيڪا نه رڳو انهن لاءِ نوان ڪيريئر جا موقعا کوليندي پر معاشي ترقي کي پڻ ھٿي ملندي. آءِ ٽي سيڪريٽري نور احمد سمون وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2025 جو پروگرام شموليت ۽ رسائي وڌائڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن تحت گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو شرڪت ڪندڙ عورتون هونديون ته جيئن جنسي برابري کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پروگرام جو خاص ڌيان پٺتي پيل ۽ گهٽ وسيلن وارن طبقن تائين رسائي حاصل ڪرڻ تي هوندو ته جيئن سڀني کي تعليم جا برابر موقعا ملي سگهن. سنڌ جي 30 سرڪاري يونيورسٽين سان شراڪت ذريعي هن پروگرام کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو. شرڪت ڪندڙن شاگردن کي 9 خاص ڪورسز ۾ تربيت ڏني ويندي، جنهن ۾ مصنوعي ذهانت سان گڏ نوان ڪورسز، پراپمٽنگ ۽ ايجائل پڻ شامل هوندا. وڏي وزير چيو ته گذريل سال متعارف ڪرايل سافٽ اسڪلز اينڊ ڪيريئر ڪاميابي سنڌ پروگرام به جاري رهندو، جنهن تحت شاگردن کي سي وي لکڻ، انٽرويو جي مهارتن ۽ مؤثر گفتگو جي تربيت ڏني ويندي ته جيئن سندن روزگار جا موقعا وڌي سگهن. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته 30000 کان وڌيڪ اسڪالرشپس جي فراهمي سان ٽيڪ ويلي نه رڳو نوجوانن کي مهارتون سيکاري رهيو آهي، پر مستقبل سنوارڻ ۽ باصلاحيت افرادي قوت جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪا سنڌ جي ڊجيٽل معيشت کي اڳتي وڌائيندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صنعت جي مضبوط تعاون سان هي مثبت قدم سنڌ ۾ ڊجيٽل تعليم جي نئين راهه کلندي ته جيئن شاگرد عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ مقابلي جي قابل ٿي سگهن ۽ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن
سبسکرائب کریں در:
تبصرے شائع کریں (Atom)
*🔴لیجنڈز لیگ: بھارتی ہٹ دھرمی برقرار، پاکستان کیخلاف سیمی فائنل کھیلنے سے انکار*BBC PK News
انگلینڈ میں جاری ورلڈ چیمپئن شپ آف لیجنڈز (ڈبلیو سی ایل) کے میچز کے ساتھ ساتھ بھارت کی ہٹ دھرمی کا سلسلہ بھی برقرار ہے، بھارت نے...
-
تفصیلات کے مطابق حکومتی پا لیسی اپنی چھت سب کیلئے پروگرام کے تحت انڈسٹریل اسٹیٹ ملتان میں مزدوروں کیلئے لیبر کا لونی تعمیر کی ...
-
عمرکوٹ: ضمنی انتخابات این اے 213 عمرکوٹ کے نتائج کے مطابق پیپلز پارٹی امیدوار میڈم صبا یوسف تالپور 161934 ووٹ حاصل کر کے بھاری ...
-
#ادائےِجاں #ازعلیزےخان #قسط_1 ▪️▪️▪️▪️▪️▪️▪️▪️▪️ اکھیاں میری پوچھ رہی ہیں۔ دل کو میرے چین نہیں ہے کیتھے لڑائیاں وے تو اکھیاں کیتھے لڑا...
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں